اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ج??ري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪورونا جي هڪ هزار 808 مريضن ج?? ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 34 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 33 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دو??ان ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دو??ان ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 686 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 146، پنجاب ۾ 13 هزار 545، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 303، اسلام آباد ۾ 6 هزار 879 ، بلوچستان ۾ 482 ، گلگت بلتستان ۾ 345، آزاد ڪشمير ۾ 986 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تا??ين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 849 ٿي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 856 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 189 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هزار 88 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 49 هزار 992 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ