اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي و??ير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران برطانوي ميوزيڪل بينڊ به پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين برطانوي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي ??ڌيڪ هڪ اسپورٽس تف??يح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پاڪ برطانيه گڏيل پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي و??ير ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيورسٽين و??نگر ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ برطانوي مدد گهربل آهي، وفاقي و??ير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي ??روغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز