اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ??ري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ منافع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي ??رپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪ??ڪا ڪولا لائيسڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪ??ڪا ڪولا آئسيڪ پاڪستان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪ??ڪا ڪولا پاڪستان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪ??ڪا ڪولا ڪمپني پاران پاڪستان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان منصوبابندي تي آگاهه ڪيو، وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي منصوبي جي حوالي کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان منصوبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويندو. ان نئين پلانٽ جي ??ري مقامي آبادي لاءِ ملازمت جا سڌو سنوان ۽ اڻ سڌا موقعا، ذيلي صنعتن جي لاءِ منافعي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ حڪومت پاڪستان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.
حڪومتي پاليسين سان سيڙپڪار ڪمپنين جو اعتماد بحال ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria