اسلام آباد – 20 جنوري (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تي??ر ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون، يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جا نمائندا به موجود هئا. بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تي??ر ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي سيزن هڪ سال ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سالن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين هڪ سال ??ون??و. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان تي سيريز جي تي??ري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تي??ري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سان گڏ وگڏ سيريل جي تي??ري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو ??ٺن??ي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada