نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نارو?? جي امداد کي ساراهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آز??دا??ي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ??هم??ت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ نارو?? جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌيڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي ??هم??ت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. افغانستان بابت بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ افغان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عبوري عملدارن سان عالمي برادر?? جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. ناروي افغانستان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نارو?? جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباه?? کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخ?? جي ??هم??ت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپ?? جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ