اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سال ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل ق??من جي هندستان ?? ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انسني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. ??زي??اعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مظلوم ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آهي. گڏيل ق??من کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 74 سال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. ??زي??اعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ