اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سينيگال سان وا??ار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مفادن جي لاءِ ٻطرفي وا??ار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيگال ۾ پاڪستان جي نامزد سفير صائمه سيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته پاڪستان سينيگال کي اولهندي آفريقي خطي ۾ هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو جنهن سان ٻطرفي وا??ار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون وڃن. هن نامزد سفير تي زور ڏنو ته هو ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ وزارتي سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا جي انتظامن لاءِ ڪم ڪري. صدر ڪيترن ئي سالن کان ڊاڪار ۾ ٿيندڙ وا??اري ميلن (ڊاڪار انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر) ۾ پاڪستاني وا??ارين جي شرڪت تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جي نمائشن سان ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ وا??اري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن نامزد سفير کي چيو ته هو ٻطرفي وا??اري ڪاٿي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن سان گڏجي وڌيڪ وا??اري نمائشن جو اهتمام ڪري. صدر پاڪستان ۽ سينيگال جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته هن وقت 8000 غيرملڪي شاگرد ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ تعليم هيٺ آهن ۽ سينيگال جا شاگرد به ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر نامزد سفير کي اهو به چيو ته هو ڀارت جي اقليت مخالف ۽ مسلم دشمن پاليسين سان گڏوگڏ 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي غيرقانوني وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگر??ي کي پڻ اجاگر ڪري.
سينيگال سان واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ