اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو شديد زلزلي ک??نپ??ءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه ۽ شام سان ڪم جاري رکندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 فيبروري جي شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار جي لاءِ ترڪيه جو 2 ڏينهن جو دو??و ڪري رهيو آهي، وزيراعظم ترڪيه جي دو??ي دو??ان انقره ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي ت??زيت جو اظهار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پرڏيهي آفيس ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم ترڪيه جي دو??ي دو??ان هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ت??ڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي ت??اون ۽ جاري امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ کي پڻ ورجائيندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دو??و پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان تباهي آڻيندڙ زلزلي ک??نپ??ءِ ترڪيه ۽ شام جي لاءِ امداد جي فراهمي جي ڪم کي متحرڪ ڪيو آهي، 15 فيبروري ت??ئين ترڪيه جي لاءِ پاڪستان پاران انساني همدرديءَ تحت 12 اڏامون موڪليون ويون آهن جڏهن ته اين ايل سي جون 21 ٽرڪون رستي ذريعي امدادي سامان کڻي ت??ڪيه جي لاءِ روانيون ڪيون ويون آهن. ترجمان چيو ته شام جي لاءِ امدادي سامان کڻي 2 اڏامن ۽ 12 ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان رستي ذريعي روانو ڪيو ويو آهي، 85 رڪني اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم هن وقت ترڪيه ۾ ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته 10 رڪني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم ۽ 10 رڪني ميڊيڪل ٽيم شام ۾ امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٽرين ۽ سمنڊ جي ذريعي اضافي امداد موڪلي پئي وڃي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان چيو ته پاڪستان جون ڪيتريون ئي نجي ۽ خيراتي تنظيمون ۽ ماڻهو ترڪيه ۽ شام جي ڀائر عوام جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو وجهي رهيا آهن. ترجمان چيو ته اسان خاص طور تي ان گمنام پاڪستاني جا ٿورائتا آهيون جنهن ترڪيه ۾ متاثرين جي امداد لاءِ 30 ملين آمريڪي ڊالر جو تعاون ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آفتن ک??نپ??ءِ جي بحالي ۽ نئين سر تعمير مرحلن ۾ ترڪيه ۽ شام سان گڏ ڪم جاري رکندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري ت??ئين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دو??ي تي آهي، پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پرامن ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، پرڏيهي وزير جرمني جي دو??ي ک??نپ??ءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري دو??ي تي لٿواني?? ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 فيبروري تي ولنيئس ۾ پرڏيهي وزير گيبريليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت جي قيام بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا، دو??ي جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کان 22 فيبروري ت??ئين هنگي جو دو??و ڪندو ۽ هنگري جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ڳالهه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي ت??اون بابت ٻن مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪندا جن مان هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندي. ترجمان چيو ته انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ٻن ڏينهن جي دو??ي تي پاڪستان ۾ آهي. هن وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون آهن، انهن ملاقاتن دو??ان آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صحت، زراعت، صنعت، جوهري دو??ئن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پاڪستان ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن جي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي ڪم جي لاءِ تعاون ۽ تعاون کي وڌائڻ جي اسان جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڊي جي آءِ اي اي اي پاڪستان نيوڪليئر ميڊيسن آنڪولوجي اينڊريڊيو ٿراپي انسٽيٽيوشن (نوري) ۽ چشما نيوڪليئر پاور پلانٽ جو دو??و ڪيو جتي هن استعمال ٿيل ٻارڻ کي محفوظ طريقي سان سنڀالڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان جي استعمال فيول ڊرائي اسٽوريج جي سهولت جو افتتاح ڪيو. هن پاڪستان سينٽر آف ايڪسي لينس ان نيوڪليئر سيڪيورٽي جو پڻ دو??و ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي فصل جي نئين وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ قسمن تي ت??قيق جي سلسلي ۾ تعاون ۾ اضافو ڪندا. پاڪستان آءِ اي اي اي جي ”ري آف هوپ“ پروگرام ۾ علائقائي مرڪز جي طور تي پاڙيسري ملڪن جي مدد ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دفاعي ڳالهين جو ٻيو دو?? هن وقت واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري آهي، پاڪستان جي وفد جي قيادت چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد ڪري رهيو آهي جڏهن ته آمريڪي وفد جي قيادت آمريڪا جي انڊوپيسيفڪ سيڪيورٽي معاملن بابت دفاع واري وقتي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر ايلي رتنيو ڪري رهيو آهي. ڳالهين جي ايجنڊا ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي ت??اون ۽ وسيع تر علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه سميت ڪيترائي معاملا شامل آهن. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ 16 کان 18 فيبروري ت??ئين هڪ انٽر ايجنسي وفد سان گڏ پاڪستان جو دو??و ڪري رهيو آهي، هو اسلام آباد ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو، ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي رابطن جي عمل تي ڌيان ڏنو ويندو جنهن کي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي ت??ديلي، صاف توانائي، صحت، سلامتي، تعليم ۽ ٻين گڏيل ترجيحن ۾ اداراجاتي شڪل ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ک??نپ??ءِ بحالي تي آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ت??اون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
پاڪستان شديد زلزلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه ۽ شام سان ڪم جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی