اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو ا??هار پاڪ فوج جي شهي?? اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ??الهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي فرض شناسي ۽ بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 15 اپريل تي ??کڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو ا??هار ڪيو. هن لانس نائيڪ شعيب علي ۽ سپاهي رفيع الله جي ڀائرن سان رابطو ڪيو. صدر شهيدن ??ي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدردي جو ا??هار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.
صدر پاران ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون