اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) آبي وسيلن واري ??فاقي وزير سيد ??ور??يد احمد شاهه چيو آهي، ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيمن جي تعمير قومي ترجيح بڻائي وڃي ته اسان وٽ پنهنجي ايتري دولت ايندي جو ڪنهن ٻئي ڏانهن واجهائڻ جي ضرورت ئي نه ??وندي، اسان کي پنهنجي وسيلن کي استعمال ڪرڻو پوندو، زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته هتي ڪير به بکيو نه ??رندو، سرڪاري ??لازمن جي پگهارن ۾ اضافو انتهائي سٺو قدم آهي، غريب جي غربت ختم ڪرڻ سان ئي معيشت بهتر ٿيندي، دعا آهي ته ملڪ ۾ وقت سر ??ون??ون ٿين، هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ کي ڪو به خطرو نه ??وندو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ 24-2023ع تي بحث ۾ حصو وٺندي آبي وسيلن واري ??فاقي وزير سيد ??ور??يد احمد شاهه چيو ته غير يقيني سياسي صورتحال، رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ، معيشت جي ڪمزور حالت ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن کي ڏٺو وڃي ته انهن حالتن ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ تمام ڏکيو مشڪل ڪم آهي، ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هن ايوان جي ميمبرن ۽ وزيرن جي اڪثريت هتي موجود ناهي، ماڻهن جون اسان ۾ اميدون آهن، هن ايوان ذريعي عوام جي بجيٽ ۾ شموليت بيحد ضروري آهي. انهن حالتن ۾ اسان کي عوام جي همدردي ڪرڻ گهرجي، جمهورت لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، جيل ڪاٽيا، ڪوڙا کاڌا. هن چيو ته پارليامينٽ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. اسان چاهيون ٿا ته فيصلا هن ايوان مان ڪيا وڃن. پر ڪجهه کاتا ڪجهه ادارن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن، اسان ڪنهن ڪارڪن يا سياسي پارٽي خلاف ناهيون، اسان چاهيون ٿا ته جمهوريت کي نقصان نه ??هچي، جمهوري ??لڪ پنهنجي ڪارڪنن کي جيڪا تربيت ڏيندا آهن، بدقسمتي سان هتي ڪارڪنن جي اها تربيت نه ڪئي وئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون نه ڏنيون نه ئي مجسمن کي ٽوڙيو. هن چيو ته ڪشڪول ۽ ڊيم فنڊن سان معي??ت ناهي هلندي، جڏهن هن ايوان کي پورو ڪبو ته معيشت تڏهن هلندي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ 75 سيڪڙو ماڻهن وٽ پئسو نه ??وندو هو، هتي بارٽر سسٽم هو. هن چيو ته هي سڀ ڪجهه انهي لاءِ ٿي رهيو آهي ته دنيا پاڪستان کي عالم اسلام جو ليڊر ۽ ايٽمي طاقت سمجهي ٿي، ان جي ئي ڪري اسان جي ليڊر کي ڦاسي ڏني وئي، اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي طاقت سان ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪنداسين، اسان پنهنجي وسيلن کي استعمال نه ڪيو، قرض به ورتا ته غير ترقياتي ڪمن ۾ خرچ ڪري ڇڏيا، پاڪستان وسيلن سان مالا مال زرعي ملڪ آهي، اسان ڪڏهن به بکيا نه ??ا مري سگهون، پر اسان کي انهي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، زراعت اسان کي جيئرو رکي سگهي ٿي، سرڪاري ??لازمن جي پگهارن ۾ اضافو سٺو قدم آهي، ماڻهن جي خريداري ??اري طاقت وڌندي ته ماڻهو مارڪيٽن ۾ ويندا ۽ معيشت جو ڦيٿو گهمندو، غريب جي بک ختم ڪري ئي ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام تي اڄ تائين ڪنهن به آڱر ناهي کنئي. دنيا ان کي مڃي ٿي، 18هين ترميم تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته صوبا سڀ ڪجهه کائي ٿا وڃن، حالانڪه ڏٺو وڃي ته ايف بي آڙ جو روينيو هدف 9100 ارب رپيا آهي جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو هدف 2900 ارب رپيا آهي، هي ٽوٽل ملائي 12000 ارب رپيا ٿئي ٿو جنهن مان صوبن کي صرف 5700 ارب رپيا ڏنا ويندا. هن چيو ته هن ايوان جا وڏا وڏا ڪارناما آهن، هن چيو ته ڀاشا ڊيم تي اڃا تائين اڳڀرائي 9 سيڪڙو، مهمند ڊيم تي 13 سيڪڙو ۽ داسو ڊيم تي 17 سيڪڙو آهي، جيڪڏهن هي ٽئي ڊيم ترجيحي بنيادن تي ٺهي وڃن ته ملڪ جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. سڀني ڊيمن جي تعمير لاءِ رڳو 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن حالانڪه انهن ڊيمن تي گهٽ ۾ گهٽ خرچ 4000 ارب رپيا آهي. هن چيو ته اسان کي گهرجي ته سڀ کان پهرين هي ڊيم مڪمل ڪيون، هي ڊيم ٺهي ويا ته اسان وٽ اسان جي پنهنجي دولت ايتري ??وندي جو پوءِ اسان کي ڊالر جي پرواهه نه ??وندي، اسان کي پنهنجا وسيلا ڀرپور نموني استعمال ڪرڻ گهرجن. سيد ??ور??يد شاهه جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن وقت حالتون سٺيون ناهن، الله پاڪ کان دعا اهي ته هن ملڪ ۾ وقت سر ??ون??ون ٿين ۽ ملڪ تي عوام راڄ ڪري، جيڪڏهن هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ لاءِ ڪو به خطرو نه رهندو.
مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيم ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو سٺو قدم آهي: خورشيد احمد شاهه
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا