لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي انتظام هيٺ هيپاٽائٽس سي آگاهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چي?? ته ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن کي ڀليڪا?? چوان ٿو، پي ڪي ايل آءِ 2015ع ۾ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، يونيورسٽي جي قيام هڪ وڏو منصوبو آهي، 2018ع ۾ پي ڪي ايل آءِ جي پڄاڻي ٿي، پروفيسر سعيد اختر پي ڪي ايل اءِ لاءِ گهڻي محنت ڪئي، ڊاڪٽر سعيد جي سربراهي ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جي شروعات ڪئي. هن چي?? ته امير ۽ غريب ۾ بنا فرق جي پي ڪي ايل آءِ ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مريضن لاءِ پي ڪي ايل آءِ هڪ اميد جي ڪرڻو آهي، پي ڪي ايل آءِ کي جديد خطوط تي عالمي معيار جي مط??بق بڻايو ويو. هن چي?? ته هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ وفاق صوبن کي فنڊز فراهم ڪندي. ان قدمن جو مقصد مريضن کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، سرندي وارا به فنڊز ۽ دوائون اداري کي فراهم ڪندا. وزيراعظم چي?? ته پي ڪي ايل آءِ جي ڊاڪٽرز ۽ عملو بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، هيپاٽائٽس جي روڪٿام لاءِ آگاهي مهم گهڻي ضروري آهي، پي ڪي ايل لاءِ ٽرسٽ فنڊز ۾ 15 ارب روپيا گڏ ٿيا آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : bolão quina