اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين وفاقي وز??رتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي، س??ڪا??ي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ ان??ي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ نجڪاري واري وز??رت ۽ نجڪاري ڪميشن ج?? معاملن جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ دفاع ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصاد?? معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ س??ڪا??ي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نجڪاري واري وز??رت ۽ نجڪاري ڪميشن پا??ان جڪاري پروگرام 2024ع کان 2029ع تائين جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس جي شروع ۾ ئي شرڪت ڪندڙن تي واضح ڪيو ته اسٽريٽجڪ س??ڪا??ي ملڪيتي ادارن کانسواءِ ٻين سمورن س??ڪا??ي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. هن چيو ته سواءِ اسٽريٽجڪ س??ڪا??ي ملڪيتي ادارن جي ٻيا سمورا س??ڪا??ي ملڪيتي ادارا ڀلي اهي نفعو ڏيندڙ آهن يا خساري ۾ هجن ان??ن کي وڪرو ڪيو ويندو. ان حوالي سان وزيراعظم سمورين وفاقي وز??رتن کي ان حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت ڪئي. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري سان ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي بچت ٿيندي ۽ ان??ي ئي پئسي سان سروسز جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم سخت هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن وزيراعظم جي پاڪستان ان??رنيشنل ايئرلائينز ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري جي حوالي سان بڊنگ سميت ٻين اهم مرحلن کي ٽيليويزن تي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم چيو ته ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل جي مرحلن کي پڻ سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. اجلاس کي س??ڪا??ي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان پري – ڪواليفڪيشن جو عمل مئي جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري جي حوالي سان ضروري مشاورت جو عمل جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي گڏيل عرب امارات سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجڪاري پروگرام 2024 – 2029ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته خساري وارن س??ڪا??ي ملڪيتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي پرائيويٽائيز ڪيو ويندو. نجڪاري جي عمل کي تيز ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن ۾ ماهرن جو پري ڪواليفائيڊ پينل مقرر ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم پاران سمورين وفاقي وزارتن کي نجڪاري جي حوالي سان ضروري ڪارروائي ۽ نجڪاري ڪميشن سان تعاون جي هدايت
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil