اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خ??لد بي آءِ ايس پي جي حقدار عورتن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ عالمي معيار موجب هنرمنداڻو تربيتي پروگرام مت??ارف ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. انساني ۽ سماجي ترقي جي ڊاڪٽر صوفيه شڪيل جي سربراهي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران سينيٽر روبينه خ??لد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن قدمن جو مقصد حقد??ر خاندانن جي غربت ختم ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي، هو فعال شهري جي حيثيت سان قومي معيشت ?? پنهنجو حصو وجهي سگهن. ڪالهه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ اي ڊي بي طرفان شن لونگ کي مشن ليڊر/پرنسپل سوشل پروٽيڪشن اسپيشلسٽ ۽ عمر بن ضيا سينئر سوشل پروٽيڪشن آفيسر به موجود هئا. سينيٽر روبينه خ??لد انساني وسيلن جي ترقي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ ضرورت وارا ڪورسز جهڙوڪ هيلٿ ڪيئر ۽ مهمانوازي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته حقدارن کي انهن مهارتن سان همڪنار ڪرڻ سان کين پرڏيهه ۾ روزگار جا بهتر موقعا ملي سگهندا جنهن سان انهن جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي. صوفيه شڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مت??رڪ ۽ اداره جاتي ميڪنزم جي واکاڻ ڪندي اسڪل ڊولپمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪيو. هن سپلائي سائيڊ تي مدد لاءِ اي ڊي بي جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي تعليم، صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان بي آءِ ايس پي سان تعاون وڌائڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania