اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ??ه پاڪستان معاشي ترقي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي، محدود وسيلن جي باوجود ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سڌارا وق?? جي اهم گهرج آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي هيڊ آفيس جي عمار?? جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس اي سي پي جو چيئرمين عاڪف سعيد ۽ ايس اي سي پي جو باني چيئرمين شميم احمد خان به موجود هُئا. نائب وزيراعظم چيو ته مل?? جي معاشي ترقي جي لاءِ موقعا موجود آهن، اسان هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، رڳو رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت گڏيل وا??ار جي پاليسي تي گامزن آهي. ملڪي روانگي وا??ار جو فروغ حڪوم?? جي بنيادي ايجنڊا آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خطي ۾ سڀ کان بهتر وڃي رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ٻطرفي ۽ ٻاهرئين ملڪن مان وا??ار جو فروغ اسان جي ڌيان جو محور آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، مايوسي ڦهلائيندڙ ٻُڌي ڇڏين ??ه پاڪستان ڪڏهن به ڊيفالٽ نه ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم جو سمورو ڌيان معاشي سڌارن ۽ وا??ار جي فروغ تي آهي. ملڪي روانگي وا??ار جو فروغ اسان جي حڪوم?? جي بنيادي ايجنڊا آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) هيڊ آفيس عمار?? جي تعمير مقرر مدي ۾ ڪئي ويندي. ان عمار?? جي پلاٽ جي منظوري 2017ع ۾ اسان جي ان وق?? جي حڪومت ڏني هئي، عمار?? جي تعمير ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان جي 2016ع جي دور ۾ مل?? جي ٽنهي اسٽاڪ مارڪيٽس کي ضم ڪيو ويو، 2013ع کان 2017ع دوران ان حوالي سان قانون ۾ سڌارا آندا ويا. تقريب ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس اي سي پي جي چيئرمين عاڪف سعيد ۽ ٻين سان گڏ ايس اي سي پي جي هيڊ آفيس بلڊنگ جي پيڙهه جي پٿر جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي.
پاڪستان معاشي ترقي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ