رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينهن جي آذربائيجان جي دوري دوران وزيرا??ظم باڪو ۾ ڪ??نفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيرا??ظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ ورتل ملڪن جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان اجلاس ۾ وزيرا??ظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن تي روشني وجهندو. وزيرا??ظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيرا??ظم ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيرا??ظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. وزيرا??ظم ان سان گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ آذربائيجان جي صدر پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيرا??ظم ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزيرا??ظم پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ??ار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيرا??ظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ