اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محمد ذيشان احمد ملاقات ڪئي. وزارت ??ان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته زائرين مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪئي هئي، پاليسيءَ جو بنيادي مقصد پاڪستاني زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي مذهبي معاملن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير زائرين کي سهولت جي فراهميءَ جي حوالي سان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايم او يو تحت پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي وزير ??رب??ا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پ??رع??م آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائڻ جي تجويز ڏني.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستاني سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی