اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف صاف پاڻي ۽ پاڻي ??خيرن جي تحفظ جي حوالي سان رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي ??ئن?? جي حصيداري سان م??عقد ون واٽر سربراهي اجلاس جو مقصد عالمي سطح تي عالمي تعاون ۽ اعليٰ سطحي سياسي عزم جي ذريعي پاڻي ??خيرن جي بهتر انتظام ۽ تحفظ کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائڻو آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس دوران صاف پاڻي ??ي ذخيرن جي بحالي، تحفظ ۽ ان حوالي سان جدت جي موضو?? تي خطاب ڪندو. وزيراعظم پاڻي ??خيرن جي تحفظ، ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ جي تياري، پيئڻ جي پاڻي ??ي معيار جي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ آبي حيات جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏن، موسمن ۾ بي وقت تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي پاڻي ??خيرن ۽ آبي حيات تي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي روشني پڻ وجهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي پاڻي وسيلن جي پائيدار ۽ بهتر انتظام جي لاءِ قدمن جي دعوت ڏيندو. ان م??قعي تي وزيراعظم جون سربراهه اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان م??اقاتون پڻ متوقع آهن. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج