اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪ??ڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي ??ري?? ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آ??ري??نز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪ??ڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري ل??نس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گ??رڀاتين جي ل??ءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي ل??نت جي خاتمي جي ل??ءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.
صدر آصف علي زرداري پاران خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج