فلوريڊا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو-6 جا 4 خل??با?? عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا آهن. گذريل ڏينهن سپيس ايڪس ڪريوڊريگن ڪيپسول تي سوار خل??با?? فلوريڊا جي سامونڊي ڪناري ??يجهو حفاظت سان لٿا. ناسا ۽ سپيس ايڪس جي گڏيل طور هلائيندڙ ڪريو-6 مشن جا 4 خل??با?? زمين تي واپسي لاءِ آچر تي صبح جو خلائي اسٽيشن تان روانا ٿيا، عملي 13 فوٽ ويڪري ڪريو ڊريگن گاڏي کي جيڪسن ويلي، فلوريڊا جي سامونڊي ڪناري کان پري ??نهنجي هدف تي ڪاميابي سان لينڊ ڪيو. ڪريو ڊريگن ڪيپسول 17000 ميل في ڪلاڪ (27000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) کان وڌيڪ جي رفتار سان سفر ڪيو ۽ ج??ئن ئي ان جي سپليش ڊان جي لينڊنگ جو آخري ??رحلو شروع ٿيو ته خلائي جهاز جو ٻاهريون حصو تقريبن 3500 ڊگري ??ارن هائيت (1900 ڊگري سيلسيس)تائين گرم ٿي ويو. خلائي جهاز جي ڪيبن اندر مسافرن کي هيٽ شيلڊ سان محفوظ ڪيو ويو هو ۽ اندروني گرمي پد 100 ڊگري ??ارن هائيٽ (37.8 ڊگري سيلسيس) کان گهٽ هو. واپس آيل خل??با??ن ۾ ناسا جو خلانورد اسٽيفن بوون ۽ وارن هوبرگ، گڏيل عرب امارتن جو سلطان النهادي ۽ روس جو خل??با?? آندريو ف??اي??ف شامل هئا. هي خل??با?? هلندڙ سال مارچ ۾ خلائي اسٽيشن تي ويا هئا.
ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو-6 جا 4 خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار