تل ابيب-19 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم رشي سونگ حماس سان ??اري جنگ ۾ اسرائيل سن يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪالهه تل ابيب پهتو. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هن 7 آڪٽوبر تي حماس طرفان ??سرائيل خلاف ڪيل ڪارروائي کي دهشتگردي جو خوفناڪ قدم قرار ڏيندي ان ??ي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اسرائيل سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن عالمي قانونن موجب اسرائيل جي پنهنجي دفاعي حق جي پرزور حمايت ڪئي، بعد ۾ اسرائيلي صدر آئيزڪ هرزوگ سان ملاقات ۾ هن غزه ۾ موجود عام فلسطينين لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي فوري امداد جي اهميت سان ??ه پڻ اتفاق ڪيو. هن اسرائيلي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو حماس ??ان ??وفناڪ دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ تي پنهنجي ۽ برطانوي عوام طرفان ??نهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. اسرائيل پهچڻ کانپوءِ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ اهم اسرائيلي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، هن حماس طرفان يرغمال بڻايل اسرائيلن جي ڪٽنبن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
برطانوي وزيراعظم حماس سان جاري جنگ ۾ اسرائيل سان يڪجهتي لاءِ تل ابيب پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil