ٽوڪيو -23 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير غزه پٽي ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال کي روڪڻ جي ارادي سان عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. جاپان جي خابرو اداري مطابق مصر جي ميزباني ۾ ٿيندڙ قاهره امن ڪانفرنس ۾ جاپان جي پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي ته غزه ۾ عوام لاءِ وڌ کان وڌ امدادي سامان پهچايو وڃي ۽ اتي موجود پرڏيهين کي ??صر منتقل ڪيو ??ڃي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته غزه ۾ ماڻهن جي حفاظت کي ??قيني بڻائڻ لاءِ طاقت ۽ حڪمت کي گڏائين ۽ خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ صورتحال جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن نشاندهي ڪئي ته جاپان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ پنهنجي اڻٽٽ حمايت تي قائم آهي جنهن ۾ فلسطين جي آزاد رياست قائم ٿئي ۽ اسرائيل سان گڏيل بقا ۽ امن ۽ محفوظ طريقي سان رهي سگهي. هن غزه جي رهواسين لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جي ??نگ??مي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي جاپان حڪومت جي منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو.
جاپان طرفان غزه جي رهواسين لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ