باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مستقبل لاءِ مضبوط موس??يا??ي معيشت جي تعمير ۾ مدد لاءِ گڏيل عرب امارتن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري موجب ڪوپ-29 موس??يا??ي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي موقعي تي شيخ محمد بن زايد ماحولياتي تحفظ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي اصولن لاءِ گڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري ميراث ۽ عزم کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان لڳن سب?? گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪوپ-28 جي ميزباني ڪئي جنهن دوران ملڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪ??ڻ لاءِ عالمي سهڪار جي حمايت ڪئي. هن چيو ته موس??يا??ي ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن سا?? سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن موس??يا??ي ايڪشن کي بار بجاءِ ترقيءَ جي هڪ من??رد موقعي تي طور پيش ڪيو ۽ اهو نوٽ ڪيو ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪيل تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي منتقلي کي حاصل ڪ??ڻ لاءِ هڪ گڏيل عالمي عزم جي تصديق ڪري ٿو. ان معاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪ??ڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪيو ۽ گذريل مالياتي وعدن لاءِ وابستگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لاءِ موس??يا??ي فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪا??يا?? رهيو. ه?? سمورين ڌُرين کان مطالبو ڪيو ته هو تقسيم تي گڏيل تفهيم کي ترجيح ڏين ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ زايد جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪيو. هن ڪيترن ئي وفدن جي سربراهن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ۾ به حصو ورتو. صدر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد عالمي اڳواڻن جي موس??يا??ي ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 موس??يا??ي ڪانفرنس جي ميزباني باڪو ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لاءِ گڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون