اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آ??ي ته آزادي جي ڏه??ڙي تي ان عزم کي ورجائڻو پوندو ته پنهنجي ۽ ايندڙ نسل جي مستقبل جي تحفظ لاءِ هڪ ٿي پاڪستان جي بانين جي نقش قدم تي هلندي اونداهين جو خاتمو ڪنداسين ۽ روشنين کي پنهنجو مقدر بڻائينداسين. صدر اها ڳالهه آزادي جي ڏه??ڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر چيو ته 14 آگسٽ کي اسان پنهنجي آزادي جو ڏهاڙو هڪ نئين جوش ۽ ??لو??ي سان ملهائي رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته اسان جو اهو جوش ۽ ??لو??و ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ سماجي استحڪام جو رستو هموار ڪندو. صدر چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ڪيترين ئي آزمائشن ۾ ورتل رهيو آ??ي پر قوم پنهنجي پڪي عزم سان انهن مشڪلاتن کي منهن ڏنو، پاڪستان حڪومت ملڪ جي مختلف خطن، علائقن ۽ شهرن کي بدامني، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور سياسي عزم سان ڪارروائي جو فيصلو ڪيو جنهن تح?? پا?? فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ امن بحال ٿي رهيو آ??ي.
صدر ممنون حسين جو 14 آگسٽ جي ڏهاڙي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج