اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه آچر ڏينهن 16 کان 31 جنوري 2017ع جي لاءِ ??يٽ??وليم مصنوعات جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته ??يٽ??وليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت ۽ اوگرا 92 رون ??يٽ??ول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 77 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 94 پئسا في ليٽر، گاسليٽ جي قيمت ۾ 14.13 رپيا ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 11 پئسا في ليٽر جي اضافي جي تجويز ڏني. پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت جي روشني ۽ عام ماڻهو پاران گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آ??ل جي وڌيڪ استعمال سبب انهن جي قيمت ۾ ڪنهن به قسم جو اضافو ناهي ڪيو ويو ۽ انهن جي پراڻي قيمت ئي 31 جنوري 2017ع تائين بحال رکي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اوگرا جي تجويز تي 92 رون ??يٽ??ول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 77 پئسا في ليٽر جي اضافي جو فيصلو ڪيو جڏهن ته هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اوگرا پاران قيمتن ۾ اضافي جي سفارش جي ابتڙ قيمتن ۾ اڌ اضافو ڪيو ويو آهي.
اسحاق ڊار پارانن پيٽروليم مصنوعات جي نئين قيمتن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون