جده-16 نومبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي قابض فوج طرفان الشفا ميڊيڪل ڪامپليڪس تي بمباري ۽ غزه شهر جي اسپتالن جي مسلسل گهيري، بجلي، ٻارڻ ۽ خوراڪ جي رسد ب??د ڪرڻ سميت طبي عملي ۽ بي گهر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي آهي. او آءِ سي جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته انڪيوبيٽرز ۾ بيمار ۽ زخمي ۽ وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻار جڏهن ته الشفا ميڊيڪل ڪامپليڪس وڏي انگ ۾ شهيدن جي لاشن سان ڀريل آهي، بيان موجب رهائشي هنڌن، اهم انفرا اسٽرڪچر ۽ ضروري سهولتن تي بمباري جاري آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو و??و آهي ته غزه جي پٽي ۾ فلسطيني شهرين خلاف هي اجتماعي سزا ۽ نسل ڪشي بين الاقوامي ا??سا??ي قانون تحت هڪ جنگي ڏوهه آهي، او آءِ سي گڏيل قومن کان پنهنجي هن مطالبي جي تجديد ڪري ٿو ته هو اسرائيلي اڳرائي کي فوري ۽ مڪمل طور روڪڻ ۽ غزه جي پٽي ۾ فلسطيني عوام تائين ا??سا??ي امداد جي محفوظ ۽ پائيدار رسد لاءِ ا??سا??ي همدردي جي راهدارين کي کولڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري.
او آءِ سي جي غزه ۾ الشفا اسپتال ۾ بمباري ۽ فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي اڳرائي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں