رياض-12 جون (اي پي پي ) سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل غزه پٽي ۾ فوري جنگ بندي جي حوالي سان آمريڪي قرار داد جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي . عرب نيوز موجب سعودي پرڏيهي وزير بيان ۾ زور ڀريو آهي ته تڪرار جي حل لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون جنگ بندي جي اهميت کي ترجيح ڏين . سعودي عرب عالمي قراردادن موجب خطي ۾ مستقل بنيادن تي امن ۽ جنگ بندي سميت فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو . واضح رهي ته گذريل رات سلامتي ??ائ??نسل آمريڪي قرار داد جو معاه??و ??نظور ڪيو جنهن ۾ غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هيو . سلامتي ??ائ??نسل جي 14 ميمبرن قرارداد کي منظور ڪيو جڏهن ته روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو . ياد رهي ته سلامتي ??ائ??نسل ۾ آمريڪي نمائندي لينڊا ٿ??مس گرين فيلڊ جو چوڻ هو ته آمريڪي تجويز ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي پهرين مرحلي ۾ يرغمالين جي آزادي ( عورتن ۽ بزرگ ماڻهن ) کين فوري ۽ مڪمل جنگ بندي ڪرڻ شامل آهي . ان کانسواءِ ڪجهه يرغمالين جي لاشن جي واپسي ، فلسطيني قيدين جي مٽا سٽا ۽ آبادي وارن علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي سميت غزه جي سمورن علائقن طرف فلسطينين جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي شامل آهي . ٻئي مرحلي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويندو ته سمورن اسرائيلي قيدين جي آزادي سان مستقل بنيادن تي پر تشدد ڪاروائين جي روڪ ٿام ڪئي وڃي. ان سان گڏ ئي غزه پٽي ۾ وڏي پيماني تي نئين سرتعمير جي منصوبن کي شروع ڪيو ويندو . جيڪو ڪيترن سالن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ انهن مارجي ويل اسرائيلن جي باقيات به واپس موٽائي ويندي جيڪي غزه ۾ مارجي ويا هئا .
سعودي عرب پاران سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي قرارداد جي منظوري جي آجيان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo