اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جا نيوڪليئر هٿيار فاشسٽ ڀارتي قيادت جي هٿن ۾ آهن جنهن سان خطي سان گڏوگڏ پوري دنيا جي امن کي خطرو آهي، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي غ??رق??نوني قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، قدم گڏيل قومن جيسلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف آهن، عالمي برادري کي ڪشميرين کي انهن جو خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، عمان کي ڪشمير ج?? عوام جي لاءِ او آءِ سي جي حمايت کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پاڪستان عمان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌائڻ چاهيون ٿا. هو ??مان سلطنت جي مجلس شوريءَ جي چيئرمين شيخ خالد بن هلال المعوالي سان ڳالهائي رهيو هو ??نهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ