اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هائوسنگ منصوبي سان معاشي سر??رم??ن کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ڇت ميسر ايندي، تعميراتي شعبي ۾ 400 ارب روپين جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهي?? آهيون، سيڙپڪارن لاءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا بهترين موقع?? آهن، هائوسنگ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ذريعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزي??اع??م جي ا??ساس پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪري ا??ان جي ماڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏسڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏسڻي پئي، هن چيو ته ڪورونا کان اڳ معاشي صورتحال بهتر ٿي، جيتوڻيڪ ڪورونا وبا جي ڪري معيشت تي ا??ر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي رابطا ڪميٽي جي ا??لاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.
هائوسنگ منصوبي سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : apostas quina