اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڪروڙين ماڻه?? کي غربت مان ڪڍڻ سميت چين کان گهڻو ڪجهه سکندو آهي، چين سان تعاون ??ڌائينداسين، سي پيڪ تحت صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ به تعاو?? کي فروغ ڏنو ويندو، پاڪ چين دوستي جون ??اڙون عوام ۾ گهريون ??ي رهيون آهن، عوام ڄاڻي ٿي ته چين اهڙو دوست آهي جيڪو هر مش??ل ۾ گڏ بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته 11 سئو ميگاواٽ جو اهو منصوبو خوش آئنده ۽ ان لحاظ کان به وڏي اهميت رکندڙ آهي ته ان مان ڪلين انرجي پيدا ٿيندي، اهو پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ گهڻو اهم آهي ڇو ته اسان گلوبل وارمنگ کان متاثر آهيون جڏهن ته اسان جو دارومدار گليشيئرز تي آهي جيڪي اسان جي دريائ?? کي 80 سيڪڙو پاڻي مهيا ڪندا آهن جيڪڏهن اسان گليشيئرز کي اهڙي ط??ح پگهرجڻ کان روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ته اسان جي ايندڙ نسل?? کي پاڻي ۽ خوراڪ جا مسئلا درپيش ٿيندا. وزيراعظم چيو ته اسان ماضي ۾ پاڻي مان توانائي حاصل ڪرڻ تي ايترو ڌيان نه ڏنو جيترو پوٽينشل موجود آهي، چين جي تعاون سان توانائي جي منصوبن جي ڪري پاڪستان جي افرادي قوت هنرمند بڻجي رهي آهي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ٿي رهي آهي، پاور پلانٽس جي منصوبن تي 40 هزار چيني ڪارڪنن ڪم ڪيو، ان سان اسا?? کي پنهنجي ماڻه?? کي سيکارڻ ۾ به وڏي مدد ملندي. ويراعظم چيو ته چين سان اسان جو گهڻو منفرد تعلق آهي، اڄ جڏهن اسان پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون ته اهي لاڳاپا هاڻي عوام جي سطح تائين هموار ٿي رهيا آهن ۽ وڌيڪ وڌي ويجهي رهيا آهن، اسان ديني لحاظ کان هڪ طرف مسلمان ملڪن جي ويجها آهيون ته ٻي طرف چين اسان جو اهڙو پاڙيسري آهي جنهن جي باري ۾ اسان جي عوام ۾ اها سوچ پختي ٿي چڪي آهي ته چين هر مش??ل ۾ اسان سان گڏ بيٺل هوندو آهي، چين سان پاڪستان جي عوام جو هڪ جذباتي وابستگي پيدا ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي چين سان لاڳاپا وڌيڪ فروغ وٺندا ۽ اسان جي خوش قسمتي آهي ته اسان جو پاڙيسري دنيا ۾ ترقي جي ڊوڙ ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي ۽ وڌيڪ اڳتي وڃي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين کان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو، چين پنهنجي پکڙجندڙ شهر?? کي جهڙي طرح سنڀاليو ان مان اسان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ??ا، اسان جا شهر به گهڻا وڌي چڪا آهن، اسان ان سلسلي ۾ اولهه جي بدران چين کان وڌيڪ سکي سگهون ??ا. چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته هن اعلان ڪيو ته انتهائي غربت جو هنن خاتمو ڪري ڇڏيو، هو ستر ڪروڙ ماڻه?? کي 30 سالن ۾ غربت مان ڪڍي مٿي کڻي آيا، اسا?? کي به پنهنجي عوام کي غربت مان ڪڍڻو آهي جهڙي طرح چين ڪرپشن جي خلاف جنگ ڪئي اسا?? کي به ڪرڻي آهي.
پاڪستان ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ سميت چين کان گهڻو ڪجهه سکندو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی