بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بهاولپور جي دوري جي موقعي تي اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم يونيورسٽي ۾ عالمي معيار جي تدريسي سهولتن سان ليس نرسنگ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي حوالي سان موجود افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ??رڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيورسٽي جي بغداد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيورسٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان سان ملندڙ اضافي بجلي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سان حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سالن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائيندو، اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيورسٽي ۾ ??اگ??دن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي ف??ل جي اهميت جي ڏس ۾ وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ ??سيلن سان وڌيڪ پيداوار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پوکيءَ ۾ جدت آڻي رهيو ??هي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو گهٽ ??اڻي، 50 سيڪڙو گهٽ جيت مار دوائن جي استعمال، 35 سيڪڙو گهٽ ??جموعي لاڳت سان پيداوار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي 40 سيڪڙو گهٽ ??اڳت سان 30 سيڪڙو پيداوار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ذريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پوکيءَ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيداوار ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سويابين جي پيداوار ۾ اضافي سان آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڪستان ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.
وزيراعظم پاران اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania