اسلام ??باد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌم??ڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ ??اص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ڌم??ڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، قا??د ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌم??ڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا