ميري ٽائيم سرحدن جو دفاع ڪرڻ لاءِ پاڪ بحريه جو عزم مضبوط آهي: ظفر محمود عباسي


اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي خطرن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيندي پاڪستان جي ميري ٽائيم سرحدن جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جو عزم مضبوط آهي. هو پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس جي صدارت چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪئي.