واشنگٽن-31 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايم ايف چيو آهي ته ماحولياتي تبديليءَ سان سڄي دنيا جي ڪمزور ملڪن ?? تڪرار وڌڻ ۽ فوتگين ۾ واڌ جو ??طرو آهي. آءِ ايم ايف جاري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيتوڻيڪ صرف ماحولياتي تبديلي ئي نئين بدامني کي جنم نٿي ڏئي سگهي پر هو نمايان طور ٽڪراءُ کي وڌيڪ هوا ڏئي سگهي ٿي جنهن سان غربت، بُک ۽ لڏپلاڻ جهڙا مسئلا ۽ پيچيده ٿي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2060ع تائين مبينه ڪمزور ۽ ٽڪراءُ کان متاثر رياستون (ايف سي ايس) ۾ تڪرارن سبب ٿيل فوتگين ۾ 8.5 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته گرمي پد ۾ انتهائي واڌ وارن ملڪن ?? ٿيل فوتگيون 14 سيڪڙو تائين وڌي سگهن ٿيون. ورلڊ بئنڪ جي درجه بنديءَ مطابق 39 ملڪن ?? تقريبن هڪ ارب ماڻهو رهن ٿا ۽ دنيا جي 43 سيڪڙو آبادي ايف سي ايس جي دائري ?? اچن ٿا. انهن ملڪن ?? اڌ کان وڌيڪ آفريقي ملڪ آهن جيڪي ماحولياتي تبديلين جي غير مناسب بار جو ??ڪار آهن. آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته انهن ملڪن ?? 2060ع تائين 50 ملين کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ، پيداوار ۽ اناج جي قيمتن ۾ واڌ سبب بُک جو ??ڪار ٿي سگهن ٿا. اداري چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ معاشي نقصان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ملڪن ?? وڌيڪ شديد ۽ مستقل ٿيندا آهن. آءِ ايم ايف هڪ ڌار بيان ۾ چيو آهي ته تمام ضروري آهي ته ايندڙ هفتي ڪينيا ۾ ٿيندڙ پهرين آفريقي ماحولياتي سربراهي اجلاس ۾ جمع ٿيندڙ اڳواڻ ڪمزور ملڪن کي درپيش مسئلن جو ??ل تلاش ڪن. آءِ ايم ايف پنهنجي بلاگ ۾ لکيو آهي ته هر سال ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رياستن ۾ قدرتي آفتن مان ٽيڻ تي ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا. ڪمزور رياستن ۾ ايندڙ آفتون ٻين ملڪن جي آبادي ٻيڻ تي وڌيڪ خطي کي بي گهر ڪنديون آهن. آءِ ايم ايف چيو ته 2040ع تائين انهن ملڪن کي سال ۾ 61 ڏينهن سراسري طور 35 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد جو مُنهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. جيڪو ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ آهي. انتهائي گرمي ۽ ان سان ماحولياتي تبديليءَ جا اثر انساني صحت کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا ۽ ان سان زراعت، تعميرات جهڙن اهم شعبن ۾ پيداواري صلاحيت ۽ ملازمتن کي نقصان پهچندو.
ماحولياتي تبديليءَ سان سڄي دنيا جي ڪمزور ملڪن ۾ تڪرار وڌڻ ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خطرو آهي: آءِ ايم ايف رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق