بئنڪاڪ-05 آڪٽوبر(اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي ??نتهائي خطرن وارن علائقن ۾ انساني آبادي جي پکيڙ ۾ وڌيڪ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جون رينٽشلر جي ??ربراهي ۾ تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ جي ??طرن وارن علائقن ۾ انساني آبادي ۾ اضافو 1985ع کانپوءِ محفوظ علائقن ۾ ان رجحان جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. جون رينٽشلر موجب هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن انساني وستين کي ماحولياتي تبديلي موجب بدلائڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ انساني آبادين جي ??مڪاني ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جي ??مڪانن ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيا آهن. ان تحقيق ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل ٻوڏ جي نقشن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي انساني آبادي جي پکيڙ کي ٽريڪ ڪرڻ واري سيٽلائيٽس ذريعي گذريل 30 سالن دوران ورتل تصويرن جو تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته 2015ع تائين آبادي وارن سمورن علائقن مان 20 سيڪڙو علائقا وچولي يا وڌيڪ ٻوڏ جي ??طرن وارا هئا، جيڪي ٽي ڏهاڪا اڳ 17.9 سيڪڙو هئا، انساني آبادي وارن علائقن جو اهو تناسب تقريبن 76 هزار 400 ڪلوميٽر انساني آبادي جي ??رابر آهي جيڪو گريٽر لنڊن جي ڳاڻيٽي کان 48 ڀيرا وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب اهڙن علائقن ۾ اوڀر ايشيا ۽ ??اٺ?? سمنڊ جو خطو، خاص طور تي چين سان گڏوگڏ ويٽنام ۽ بنگلاديش ۾ شهري واڌ وارا علائقا خاص طور تي ذڪر جوڳا آهن. ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ??طرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڇاڪ??ڻ ته گرم ماحول وڌيڪ گهم رکي ٿو، جنهن سان برسات امڪاني طور تي وڌيڪ طاقتور ٿيندي آهي، ان جو اهو مطلب آهي ته ٻوڏ جا واقعا جيڪي هر 100 سال يا ان کان وڌيڪ جو امڪان سمجهيو ويندو هو هاڻي تيزي سان عام ٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو ته آبادي جي ??جحان کي سمجهڻ شهري آبادين جي پکيڙ جي ??والي سان پاليسين کي تبديل ڪرڻ جو پهريون قدم هجڻ گهرجي.
سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ آبادي جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر