نيويارڪ -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن چيو آهي، ته جنگ سبب تباهه ٿيل غز?? ۾ امدادي قافلن جي داخلا وڏو قدم آهي پر علائقي ۾ ٻارڻ جي کوٽ وڏي ڳڻتي جو سبب آهي، ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون. گڏيل قو??ن جي خوراڪ بابت اداري (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي ترجمان عاليه زڪي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غز?? ۾ ٻارڻ جي کوٽ بيحد ڳڻتي جوڳي آهي. ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون. هن انساني بنيادن تي ج??گ بندي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڀريو جنهن سان امدادي ڪارڪن پنهنجي ۽ ضرورتمند ٻنهي لاءِ حفاظتي سامان فراهم ڪري سگهندا. فلسطين جي اختيارين جي تازن اطلاعن مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ شدت سبب غز?? ۾ فوت ٿيلن جو انگ 5087 تائين پهچي ويو آهي. جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 15273 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
غزه ۾ ٻارڻ جي کوٽ سبب اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا