انقره -03 اپريل (اي پي پي ) ترڪيه ??و پرڏيهي وزير حقان فيدان نيٽو جي سال 2024 ع پرڏيهي وزيرن جي اج??اس ۾ شرڪت ڪندو . ٽي آر ٽي موجب ترڪيه نيٽو سربراهي اج??اس ۾ دهشتگردي خلاف جنگ کي ايجنڊا ۾ آڻيندو .نيٽو جو پرڏيهي وزير 2024 جي پهرين اج??اس لاءِ 3 کان 4 اپريل تي بيلجيئم جي گادي واري هنڌ برسلز ۾ ملاقات ڪندو. اج??اس ۾ ترڪيه ??ي نمائندگي پرڏيهي وزير حقان فيدان ڪندو. اج??اس جي ايجندا ۾ جنرل ڊٽرنس جي معاملن ، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ يوڪرين ۾ اڳڀرائي شامل هوندي. سوئيدن ۽ فن لينڊ جي رڪنيت کانپوءِ اتحاد جي تازي صورتحال ۽ واشنگٽن سمٽ جون تياريون به ايجندا ۾ شامل هونديون. حقان فيدان اتحادين لاءِ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ هڪ ٻئي تي پابنديون جيڪي اتحاد جي روح جي خلاف آهي کي ختم ڪرڻ ۽ يورپ جي دفاع ۽ سلامتي کي بهتر طريقي سان يقيني بڻائڻ جي باري ۾ ترڪيه جي خيالن بابت آگاهه ڪندو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير فيدان جو پنهنجي برطانوي جرمن بلغاريائي ۽ فن لينڊ جي هم منصبن ??ي سان ٻه طرفيون ملاقاتون ڪرڻ جو به ار??دو آهي.
ترڪيه جو پرڏيهي وزير نيٽو جي سال 2024 ع پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن