اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) فلپائن جي پرڏيهي معاملن وا??ي کاتي جي انڊر سيڪريٽري ايڊواردو جوز ڊي ويگا سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ ۾ لڙهي ويل سند?? والد جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ٻيهر حاصل ڪري ورتي. فلپائن جي پرڏيهي معاملن وا??ي کاتي جي انڊر سيڪريٽري ايڊواردو جوز ڊي ويگا اسلام آباد ۾ فلپائني سفير ماريا ايگنز، ڪراچيءَ ۾ قونصل جنرل ڊاڪٽر عمران يوسف، پاڪستان- فلپائن بزنس ڪائونسل جي سينئر وائيس چيئرمين حنيف گوهر ۽ ملڪ جي پرڏيهي معاملن وا??ي کاتي، سفارتخاني ۽ قونصليٽ مان 15 عملدارن سان گڏ سنڌ يونيورسٽيءَ جو دورو ڪيو. وفد سڀ کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پهتو، جتي انڊر سيڪريٽري ايڊواردو جوز ڊي ويگا، اسلام آباد ۾ فلپائني سفير ماريه ايگنز سروانٽس، ڪراچيءَ ۾ قونصل جنرل ڊاڪٽر عمران يوسف، پاڪستان – فلپائن بزنس ڪائونسل جي سينئر وائيس چيئرمين حنيف گوهر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. پاڪستان جي دوري تي آيل فلپائن جي انڊر سيڪريٽري ايڊواردو جوز ڊي ويگا سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو پنهنجي والده جي خواهش تي ڪيو. جڏهن ته سند?? والد گوئلر مووي ڊي ويگا فلپائن جي اڳوڻي صدر فرڊيناند اِي مارڪوز جي حڪومتي دور ۾ ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون. انڊر سيڪريٽري جي والد گوئلر مووي ڊي ويگا 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي شعبي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري مڪمل ڪئي هئي. فلپائن جي انڊر سيڪريٽري ايڊواردو جوز ڊي ويگا وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صدي?? ڪلهوڙو کي ٻڌايو ته سند?? والد 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشيالاجي شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. هن چيو ته فلپائين ۾ مها ٻوڏ دوران سندس سمورو الهه تلهه لُڙهي ويو، جنهن سبب والد جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري به لڙهي ويئي، تنهن ڪ??ي کيس سند?? والد گوئلر مووي ڊي ويگا جي ڊگري پنهنجي رڪارڊ لاءِ کپي. هن ٻڌايو ته سند?? والد اڳوڻي صدر فرڊيناد اِي مارڪوز جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري طور ڪم ڪيو ۽ اتفاق اهو آهي ته اڄ هو پاڻ پرڏيهي معاملن وا??ي کاتي ۾ انڊر سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر مارڪوز جو پٽ فرڊيناد بونگ بونگ روموالڊيز مارڪوز (جونيئر) هن وقت ملڪ جو صدر آهي. هن وائيس چانسلر کي ٻڌايو ته سند?? والده اڃان حيات آهي، جنهن پڻ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي دوري جو چيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صدي?? ڪلهوڙو کيس سند?? والد گوئلر وي ڊي ويگا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ڏيکاري.
1962ع ۾ ڪيل انهيءَ ٿيسز جو ٽاپڪ “پاڪستان جي سماجي ۽ ثقافتي نمونن جو مطالعو” آهي. وي سيءَ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي پراڻي يونيورسٽي آهي ۽ 1962ع ۾ ڪل 3 ڄڻن پي ايڇ ڊي ڪئي هئي، جنهن ۾ گوئلر مو وي ڊي ويگا پڻ شامل آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو سمورو رڪارڊ مڪمل طور محفوظ آهي، اهو ئي سبب آهي ته 1962ع ۾ ڪيل پي ايڇ ڊي ٿيسز هن وقت به بهترين حالت ۾ موجود آهي. جڏهن ته انڊر سيڪريٽري وفد سميت ڊپارٽمينٽ آف سوشيالاجي سميت مختلف ڊپارٽمينٽس ۽ سنڌيالاجي جو دورو ڪيو، سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي دوري دوران فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊاڪٽر آغا اسد نور، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.