هرات – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آ??ي ته تاپي گئس منصوبي سان خطي جي ڪروڙين عوام جي اقتصادي ۽ سماجي حالت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، خطي ۾ امن جي فروغ ۾ به ان جو هڪ ڪردار هوندو، تاپي پائيپ لائين منصوبو ۽ ان سان ڳنڍيل ٻين منصوبن جي ڪري ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کان وڌيڪ ڪير به افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه ٿو ٿي سگهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ ترقي جو علمبردار آهي. اولهندي افغانستان جي تاريخي شهر هرات ۾ پاڪستان، ترڪمانستان، افغانستان، ڀارت گئس پائيپ لائين منصوبي (تاپي) تحت بجلي، آپٽڪ فائبر ?? ٻين منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ جي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز ڳالهه آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل