هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن: سرتاج عزيز


اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن، اسان پنهنجي قومي مفادن کان پوري ريت آگاهه ۽ وڌندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، پاڪستان زمين ۽ سمنڊ ۾ پنهنجي مفادن ۽ دفاع جي غرض سان سامونڊي رستن کي کليو رکڻ لاءِ نمايان بحري موجودگي برقرار رکندو، پاڪستان بحر هند جو ٽيون اهم ملڪ آهي ۽ بحر هند خطي ۾ پرامن نيوي گيشن ۽ سلامتي سان پاڪستان جا مفاد لاڳاپيل آهن، حڪومت سمنڊ ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ ستين ميري ٽائيم عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار چيوته پوري خطي جي فائدي جي لاءِ بحر هند کي امن ۽ خوشحالي جو مرڪز بنائڻ جي ضرورت آهي، بحر هند جي اهميت کي اجاگر ڪندي سرتاج عزيز چيو ته بحر هند وچ ايشيا، آفريقا ۽ آسٽريليا کي يورپ سان ملائي ٿو، هن چيو ته بحر هند جو خطو سياسي ۽ معاشي لحاظ کان انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، هي نه رڳو وچ ايشيائي، ڏکڻ ايشيا، آفريقا جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي پر دنيا ۾ تيل ۽ گئس جي 30 سيڪڙو ذخيرا ان خطي ۾ موجود آهن، عالمي واپار جو وڏو حصو بحر هند کان ويندو آهي

مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha

متعلقہ مضامین