ملڪي تشخص کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي: مريم اورنگزيب


اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي تشخص کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. نجي ٽي وي چينل جي ٻي سالگرهه تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نجي ٽي وي چينل جي ٻي سالگرهه تي ٽي وي چينل جي مالڪن، انتظاميا، رپورٽرز، ڪئميره مينز ۽ مددگار عملي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته حڪومت ميڊيا جي ترقي جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، ميڊيا جي ترقي حڪومت جي ترقي آهي. هن چيو ته ايڇ ڊي معيار جي پرائيويٽ ٽي وي چينل تمام گهٽ عرصي ۾ ترقي ڪئي آهي اهو ٻين ٽي وي چينلز لاءِ رول ماڊل آهي.

مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná

متعلقہ مضامین