گڏيل قومون- 19 مئي (اي پي پي)پاڪستان آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ متاثرن کي فوري خطرن کان بچائڻ لاءِ تيز رفتاري سان ري??ڪي?? ۽ رليف جون ڪارروايون ڪيون. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل ا??عام حيدر ملڪ گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي ٻن ڏين??ن واري اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت وڏن مالي چئلينجن باوجود ٻوڏ متاثر ماڻهن کي فوري خطرن مان ڪڍڻ ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ڀرپور عزم جو مظاهرو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين سينڊائي فريم ورڪ فار ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن 30 – 2015ع تي نظرثاني لاءِ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري آيل ٻوڏ ۾ 17 سئو فوتگين سان گڏوگڏ ملڪ جو چوٿون حصو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو جنهن سبب ٿيل نقصان 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، اهڙي طرح پاڪستان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پنهنجي منصوبن کي عملي جامو پارائڻ ۾ هڪ مشڪل چئلينج درپيش آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي فوج، خاص طور تي فوج جي قيادت ۾ ري??ڪي?? ۽ رليف جي ڪاررواين سان بحالي جي شروعاتي مرحلي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي، جنهن جي نتيجي ۾ نقصانن ۽ اثرن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو. هن ان موقعي تي گلوبل ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن فنڊ جي قيام جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن ان حوالي سان علائقائي سطح تي ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن جي ضرورتن کي ماحولياتي مالي مدد کان ڌار ڪري سگهجي. هن نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪستان زلزلي سبب متاثر ترڪي ۽ شام جي لاءِ مدد جو هٿ وڌايو ۽ 10 هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان فضائي، زميني ۽ سامونڊي رستن ذريعي روانو ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سينڊائي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ان موقعي تي گڏيل معلومات ۽ ٽيڪنالاجي تائين پهچ جو مطالبو پڻ ڪيو ته جيئن ڪمزور ملڪن کي وقت کان اڳ وارننگ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران جنرل اسيمبلي کي خطاب، گذريل سال جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي قدمن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II