جده-10جنوري (اي پي پي)سعودي عرب جي ڪابينه غزه جي رهواسين جي جبري بي دخلي ، غزه پٽي تي ٻيهر قبضي ۽ وسندين جي تعمير بابت اسرائيلي ارادي کي رد ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس رياض ۾ شاه ??لمان بن عبدالعزيز جي صدارت ۾ ٿي??، سڌ سماءَ جي وزير سلمان الدوسري اجلاس کان پوءِ ٻڌايو ته ڪ??بينه ۾ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۽ خاص ڪري فلسطيني علائقن جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون?? اجلاس ۾ غزه پٽي تي ناجائز قبضو بحال ڪرڻ، يهودي وسندين جي تعمير ۽ غزه ۽ ان جي شهرين جي بي دخلي بابت اسرائيلي عملدارن جي بيانن کي رد ڪيو آهي، اهو واضع ڪيو ويو ته انساني قان??ن ۽ عالمي قانوني ضابطن جي خلاف ورزي تي احتساب جو نظام اثرائتو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی