جنيوا _ 22 مئي (اي پ?? پي ) عالمي صحت واري اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهنوم گيبريس چيو آهي ته غزه ۾ ا??رائيل طرفان امدادي ??امان ۽ خاص طورتي طبي شين جي ترسيل تي لاڳو پابندين کي ختم ڪري رفع راهداري جي رستي دوائن ۽ طبي اوزارن جي غزه تائين رسائي ممڪن بڻائي وڃي . العربيه اردو مطابق هن جنيوا ۾ نيوز ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته هڪ طرف غزه جي ماڻهن کي غذائي شين ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ٻئي پاسي طبي ضرورتون ب?? دستياب ناهن ڇو ته ان جي ترسيل ۾ ا??رائيل رڪاوٽ آهي . عالمي صحت واري اداري جي سربراهه اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو رڪاوٽن کي ختم ڪري ۽ غزه ۾ امدادي ??امان خاص طورتي طبي سامان جي منتقلي ممڪن بڻائي . ڇو ته غزه ۾ امداد ۽ طبي امداد جي ترسيل سان اتان جي آبادي جي زندگي بچائڻ مشڪل ناهي پر ان کي ناممڪن بڻايو ويو آهي .
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال