واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو ??هي ته آمريڪ?? عملدار آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهن. ان شخص کي خالصتان جي حامي اڳواڻ گرو پتونت سنگهه پنن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي اهلڪار ڀرتي ڪيو هو. پرڏيه?? صحافي جي سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چي?? ته ان معاملي جي آمريڪا ۾ به جاچ ٿي رهي آهي جنهن سبب ان تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون. هن چي?? ته جڏهن اهو مبينه واقعو اسان جي نوٽيس ۾ آندو وي?? ته اسان پنهنجي حڪومت جي اعليٰ ترين سطح تان ڀارتي حڪومت کي اعليٰ سطح تي اهو واضح ڪري ڇڏي?? ته اسان ا?? طرح جي معاملن ۾ تمام گهڻو سنجيده آهيون. هن چي?? ته ڀارتي حڪومت ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان ان جاچ جي نتيجن جا منتظر آهيون. ترجمان چي?? ته آمريڪا واضح ڪيو ه?? ته هو عالمي سطح تي جارحيت تي ٻَڌل قدمن جي مخالفت ڪري ٿو، چاهي اهو ڪٿي به ٿيو هجي يا ڪير به ان کي ڪري رهيو هجي ۽ ان جا اهي ريمارڪس صرف ڀارت نه ائين ڪندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ لاءِ آهن. آمريڪ?? عملدارن مطابق ڀارتي سرڪاري ملازم جوابدار کي سک اڳواڻ بابت ڄاڻ جنهن ۾ فون نمبر، روزمره جي معمول ۽ گهر جي ايڊريس فراهم ڪئي ۽ ان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.
آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada