بيجنگ _25 اپريل (اي پي پي ) چين يورپي يونين تي زور ڏنو آهي ته هو يورپ ۾ پرڏيهي ڪمپنين لاءِ کليل ، منصفاڻو ۽ برابري وارو ماحول فراهم ڪري . چائنا گلوبل ٽيلي ويز?? نيٽ ورڪ (سي جي ٽي اين ) جي مطابق يورپي يونين طر??ان گذريل ڏينهن تي يورپ ۾ هڪ چيني ڪمپني جي آ??يس تي ڇاپو هنيو ۽ سامان ضبط ڪرڻ بعد چيني ڪامرس واري وزارت جي عهديدارن پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي يورپي يونين کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي پنهنجي غلط طر??قن کي روڪي ۽ ان کي صحيح ڪري . اها ريمارڪس هٿ ٺوڪي سبسڊي جي معاملي تي پولينڊ ۽ هالينڊ ۾ هڪ چيني ڪمپني جي آ??يس جي يورپي يونين جي اوچتو جاچ بعد سامهون آئي آهي . چيني ڪامرس واري وزارت ڪامرس جي عهديدار چيو ته چين يورپي يونين جي ان قدم تي ڳڻتي ۽ سخت مخالفت ڪري ٿو، جنهن مقرر طر??قڪار جي خلاف ورزي ڪئي . عام برابري ۾ خلل وڌو ۽ يورپ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين ڪمپنين جي اعتماد کي بري طرح ڇنيو رسايو آهي .
يورپي يونين پرڏيهي ڪمپنين لاءِکليل ، منصفاڻو ماحول پيدا ڪري ، چين
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل