اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان چين سدابهار دوستي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي وئ?? آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ استحڪام جو ذريعو ئي نه پر ڌرتي تي رهندڙ انسانن جي ترقي ۽ ڀلائي جو به ذريعو بڻجي چڪ?? آهي. هن اها ڳالهه پاڪ چين دوستي جي 65 هين سالگرهه جي ??وق??ي تي عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان ??وق??ي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خصوصي معاون طارق فاطمي، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، ايئر چيف سهيل امان، اعليٰ سول فوجي عملدار ۽ ناليوارن شهرين جو وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته پاڪ چين دوستي جي شروعات ان زماني ۾ ٿي جڏهن ??ني?? ۾ اهڙي طرح جي بي غرض ۽ پرخلوص دوستي جون مثالون نه ملنديون هيون. هن چيو ته سڄي ??ني?? پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسي ره?? آهي.
پاڪستان چين دوستي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي وئي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ