وزي??اع??م جي خصوصي جهاز مان – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد نواز شريف چيو آهي ته قوم کيس 5 سالن جي مدي لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي، قوم کي مون تي اعتبار آهي ۽ قوم ترقي وارين پاليسين تي پڪو يقين رکي ٿي. هن اهڙن خيالن جو اظهار تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران پاڻ سان گڏ موجود صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته عوام 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندي ڇو ته اها سندس ڪارڪردگي ۽ ان جي زندگين ۾ نمايان تبديلي آڻڻ جي صلاحيت کان چڱي ريت آگاهه آهي. جي آءِ ٽي پاران سندس خاندان جي ميمبرن کان جاري پڇاڳاڇا بابت سوال جي جواب ۾ وزي??اع??م چيو ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان جا هٿ صاف آهن. وزي??اع??م پڇيو ته منهنجي خلاف ڪهڙا الزام آهن؟ ڇا مون قومي ناڻي کي لٽيو آهي؟ ڇا مون ڪا ڪرپشن يا ڪو ڪڪ بيڪ حاصل ڪيو آهي؟ نواز شريف چيو ته ان شخص جو احتساب ڪيو پيو وڃي جنهن هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو.
قوم اسان کي 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل