ڪراچي – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ صنعتڪارن ۽ ڪا??وباري ماڻهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين جي مسئلن، مشڪلاتن ۽ ملڪ معاشي ترقي ۾ انهن جي اڻٽر ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي گورنر ۽ معاشي معاملن واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي ڪا??وباري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو، مفتاح اسماعيل سنڌ جو گورنر جي مشاورت سان انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي تيا?? ڪندو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ڪا??وباري برادري جي وفد جي ملاقات نهايت مثبت رهي، وزيراعظم سندن سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ان ڏس ۾ ان سان مسلسل ??ابطو رکيو ويندو، صنعتڪارن ۽ واپارين وزيراعظم جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم سان صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق