گڏيل ق??مون- 22 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل و??لا??يل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان امن ۽ سلامتيء?? جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل ق??من جي مبصر مشن (يو اين ايم او جي آءِ پي) کي وڌيڪ مضبوط ۽ مؤثر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل ق??من ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم امن آپريشنز جي خصوصي ڪميٽيء?? جي 2023ع جي پهرئين سيشن کي خطاب ۾ چيو ته يو اين ايم او جي آءِ پي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق و??لا??يل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. گڏيل ق??من جو مبصر مشن جنوري 1949ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبنديء?? جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو جتي پاڪستان گڏيل ق??من جي مبصرن کي نگرانيء?? جي اجازت ڏني پر ڀارت نه ڏني. پاڪستاني نمائندي چيو ته تڪرارن کي حل ڪر?? ۽ ??من قائم ڪرڻ لاءِ مجموعي سياسي حڪمت عملي جي هڪ حصي طور امن جو قيام سڀ کان وڌيڪ مؤثر آهي، ان لاءِ سياسي حڪمت عمليءَ کي تڪرارن جي روڪٿام کان وٺي تڪرارن جي حل تائين امن تسلسل سان اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهرين جي تحفظ جو مقصد هٿياربند جهيڙي کي پکيڙڻ کان روڪڻ، تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي ذريعي منصفاڻي ۽ پائيدار سياسي حل تلاش ڪرڻ سان بهترين طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن اسٽريٽجڪ ڳالهين، صنفي مرڪزي ڌارا ۽ ان ۾ خدمتون انجام ڏيندڙن کي بهتر تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مشن ۽ آپريشنز کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته امن جي قيام کي امن لاڳو ڪر?? ۽ ??هشتگرديء?? جي خاتمي جي ڪارروائين کان الڳ ڪرڻ گهرجي. هن عورتن امن جٿن جي واڌ جي حوالي سان مساوي جاگرافيائي نمائندگي تي زور ڀريندي چيو ته ان سان اسرندڙ ملڪن جون عورتن امن اهلڪارن جي شموليت کي ترغيب ملندي.
لائن آف ڪنٽرول تي امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل قومن جي مبصر مشن کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک