ٽورنٽو -11 س??پٽمبر( اي پي پي )ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ خالصتان ري??نڊم ۾ سکن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 20 سربراهي اجلاس دوران پنهنجي ڪينيڊين هم منصب جسٽن ٽروڊو کي ان جي ملڪ ۾ سکن جي سرگرمين بابت نئين دهلي جي شديد تشويش کان آگاهه ڪيو ه??و . ڪشمير ميڊيا سروس موجب خالصتان جي حمايت لاءِ ووٽنگ آچر واري ڏينهن برٽش ڪولمبيا جي صوبي سري ۾ گرونانڪ گوردواري ۾ منعقد ٿي جتي ان جي اڳوڻي صدر هرديو سنگهه نجر کي جون ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو ه??و گلوبل نيوز چينل رپورٽ ڪيو ته خالصتان نواز گروپ سکهه فار جسٽس ( ايس ايف جي ) ري??رنڊم جو اهتمام ڪيو ه??و ري??رنڊم100،000 کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي ايس ايف جي جي ڊائريڪٽر جتندر گريوال وينڪوور ۾ قائم نيوز چينل کي ٻڌايو ته ٽرن آئوٽ مان خبر پوي ٿي ته خالصتا?? جو مسئلو ماڻهن جي ڪنهن خاص گروهه جو مسئلو ناهي بلڪي هڪ سنجيده مسئلو آهي .
ڪينيڊا جي خالصتان ريفرنڊم ۾ دسيون هزار سکن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس